اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي عالمي حيثيت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ تسليم ٿيل آهي، جنهن تي عملدرآمد ٿيڻ باقي آهي، سڀني ميمبر ملڪن جي گڏيل ذميداري آهي ته هو ڀارت کي پنهنجون عالمي ذميداريون پوريون ڪرڻ جو پابند بڻائين، پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏئي ٿو ته ڀارت کي خطي ۾ عدم استحڪام جي لاءِ رياستي دهشتگردي جي استعمال کان روڪيو وڃي، جڏهن ت?? ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي، پاڪستان ڪشميري عوام سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي ??يٺل هون??و ۽ انهن جي جائز خودمختياري واري حق کي حاصل ٿيڻ تائين هر ممڪن حمايت جاري رکندو. يوم سياه?? ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ?? ??زي??اعظم چيو ته اسان اهو ڏينهن ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي مذمت ۽ ڪشميري عوام جي لاءِ پنهنجي نه ختم ٿيندڙ حمايت جي طور تي ملهائي ??هيا آهيون.