اسلام آباد ?? 14 ??ڪٽوبر (اي پي پي( قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام چيو ??هي ته حڪومت ملڪ ۾ عام ماڻهو جي کاڌي پيتي جي شين جي مناسب قيمتن تي فراهمي کي يقيني بڻائيندي ۽ ان جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فخر امام چيو ??ه حڪومت ملڪ ۾ ماڻهن کي درپيش مسئلن کان پوري طرح آگاهه آهي ۽ چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن يقين ڏياريو ??ه حڪومت پاران کنيل قدمن جي نتيجي ۾ تمام جلد بحالي ??ا ثمر ظاهر ٿيندا. ان کانسواءِ هن تنبيهه ڪئي ته فرضي مطال??ن ۽ کاڌي پيتي جي شين جي ذخيره اندوزي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت اي??شن ٿيندو.