اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪورونا جي ويڪسين جلد دستياب هوندي، دنيا جي هر ماڻهو کي ڪورونا ويڪسين تائين آسان پهچ حاصل ه??ڻ گهرجي، طبي ۽ معاشي ايمرج??سي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وبا تي ضابطو آڻڻ ضروري آهي، قرضن جي واپسي ۾ نرمي اسرندڙ ملڪن جي مالي مدد جو تيز ترين ۽ موثر طريقو آهي، امير ملڪ غريب ملڪن جي لاءِ 500 ارب ڊالر جو فنڊ قائم ڪن، ساليانو 1.5 ٽريلين گڏ ڪرڻ جي لاءِ يو اين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ فيسيليٽي قائم ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن ڪورونا وبا جي ڏس ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ ترقي جي لاءِ سرمائي جي فراهمي بابت اجلاس کي و??يو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.