اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪورونا وبا جي خلاف ضابطه ڪار تي حقيقت ۾ عمل ڪيو وڃي ته ان سان رياست، حڪومت ۽ عوام پنهنجون سرگرميون بهتر انداز ۾ جاري رکي سگهي ٿ??. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته حڪومت ۽ شيعا عالم سڳورن جي وچ ۾ محرم الحرام جي موقعي تي ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ اتفاق راءِ مان ظاهر ٿئي ٿ?? ته سڀئي مڪتبه فڪر جي عالمن ??وم?? معاملي تي متحد آهن.