ڪراچي – 15 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جو سينئر اڳواڻ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن بابت خاص مددگار نعيم الحق لاڏاڻو ڪري ويو، نعيم الحق جي لاڏاڻي جي تصديق تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر حليم عا??ل شيخ ڪئي آهي، هن ٻڌايو ته نعيم الحق ڪينسر جي ب??ماري ۾ مبتلا هو ۽ مقامي اسپتال ۾ عل??ج هيٺ هو.