اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد ص??دق سنجراڻي سان نادرا چيئرمين برگيڊيئر (ر) خا??د لطيف پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ نادرا سينٽر جي قيام تي بريفنگ ڏني وئي سينيٽ چيئرمين محمد ص??دق سنجراڻي چيو ته نادرا جي رجسٽريشن ۽ شناختي ڪارڊ کي حاصل ڪرڻ جي حوالي سان بلوچستان جي ڏورانهن علائقن جي عوام کي ا?? به مشڪلاتون درپيش آهن، سينيٽ چيئرمين محمد ص??دق سنجراڻي نادرا عملدارن کي هدايت ڪئي ته نون منصوبن جي آغاز ۽ موبائيل يونٽس جي ذريعي عوام جي مشڪلاتن کي حل ڪيو وڃي.