ڪي?? ٽائون- 02 فيبروري (اي پي پي)ڏکڻ آفريقا جي عالمي لاڳاپن ۽ گڏيل تعاون واري وزير نال??ڊي پانڊو?? چيو آهي ته مصر، ايٿوپيا، ايران، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات برڪس گروپ ۾ شرڪت قبول ڪري ورتي آهي. ٽي آر ٽي موجب هن پريس ڪانفرنس ۾ برڪس جي ميمبرش?? جي مرحلي بابت ڳالهائيندي چيو ته آگسٽ 2023ع ۾ ڏکڻ آفريقا جي شهر جوهانزبرگ ۾ منعقد برڪس سربراهي اجلاس ۾ 6 ملڪن کي گروپ ۾ شموليت جي دعوت ڏني وئي هئي. انهن ملڪن ۾ مصر، ايٿوپيا، ايران، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات شرڪت جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته اسان جي ٽرم چيئرمين شپ ۾ منعقد هن اجلاس جي اهم ترين نتيجن مان هڪ ??تح??د کي وسيع ڪرڻ جو فيصلو هو، اسان مصر، ايٿوپيا، ايران، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات جي مڪمل ميمبرش?? جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته ارجنٽائن ??تح??د ۾ شرڪت جي دعوت رد ڪري ڇڏي آهي.