اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته صدر جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪ – ترڪيه لاڳاپن کي فروغ ملندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ چيو ته پنهنجي ويجهي دوست ۽ ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان کي ترڪيه جي صد??رت?? چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صدر چيو ته رجب اردوان جي فتح عوام جي ان تي ڪيل اعتماد جي عڪاسي ڪري ??ي، ترڪي?? اسان جو تمام ويجهو دوست آهي جنهن سان اسان جا صدين کان ڀائراڻا لاڳاپا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه مشڪل وقتن جا پراڻا ساٿي آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺ?? رهيا آهن. صدر چيو ته مون کي يقين آهي ته رجب طيب اردوان جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪ – ترڪيه لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. صدر اميد ظاهر ڪئي ت?? اسان صدر رجب طيب اردوان سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ترڪيه سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏي?? جا منتظر آهيون.