اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان عالم?? ريسڪيو ڪميٽي جي صدر ڊيوڊ ملي بينڊ ڪالهه خميس ڏينهن ملاقات ڪئ??. پرڏيهي وزارت موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عالم?? ريسڪيو ڪميٽي جي وچ ۾ صح??، تعليم ۽ ترقي جي جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. پرڏيهي وزير عالم?? ريسڪيو ڪميٽي جي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي پاران پاڪستان ۾ قدرتي آفتن دوران خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته عالم?? ريسڪيو ڪميٽي پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي جي لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي ڊيوڊ ملي بينڊ انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي جي حوا??ي سان معاونت تي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستاني حڪومت جا ٿورا مڃيا.