اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وفاقي حڪومت اخبارن ۽ رسالن کي هدايت ڪئي آهي ته قرآن پاڪ جي تعظيم کي سختي سان ممڪن بڻايو وڃي، قرآن حڪيم جي ڪنهن نسخي يا اقتباس جي ڄاڻي واڻي بي حرمتي جي سزا عمر قيد آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پبليڪيشنز کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته اخبارن ۾ شايع ٿيڻ کانپوءِ قرآني آيتن ۽ انهن جي ترجمن جي بي حرمتي ٿئي ٿي جيڪا انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي ۽ اهو عمل قرآن مجيد جي بي حرمتي بابت ڏوهن بابت موجود قانونن جي خلاف ورزي به آهي. پاڪ??تا?? پينل ڪوڊ 295 پي ڪي شق XV جو حوالو ڏيندي خط ۾ چيو ويو آهي ته قرآن پاڪ جي نسخي يا ان جي ڪنهن به اقتباس جي ڄاڻي واڻي بي حرمتي ڪرڻ يا ان کي ڪنهن توهين آميز طري??ي يا ڪنهن غيرقانوني مقصد جي لاءِ استعمال ڪرڻ ڏوهه آهي جنهن جي سزا عمر قيد آهي. اطلاعات واري وزارت اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي درخواست ڪئي آهي ته اخبارن ۽ رسالن ۾ قرآن پاڪ ۽ حديث نبوي ﷺجي حرمت، مقدس هستين جي اسمن ۽ مقدس جاين جي تصويرن جي تحفظ جي حوالي سان رهنما اصولي جاري ڪيا وڃن جنهن جي جواب ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جيڪو هڪ آئيني اداري هجڻ سان گڏ حڪومت ۽ پارليامينٽ کي اسلامي مسئلن تي قانوني مشورو ڏيڻ جو ذميوار ادارو آهي، دليل ڏني آهي ته اشتهارن ۾ قرآني آيتن ۽ مقدس نالن کي شايع ڪرڻ ۾ ڪو حرج نه آهي ڇو ته ان جو مقصد عوام تائين معلومات کي پهچائڻ آهي. اسلامي نظرياتي حڪومت تي زور ڏنو ته اها اخبارن ۽ اشتهارن ۾ شايع ٿيندڙ مقدس مواد جي تعظيم کي يقيني بڻائي ۽ عوام کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ قدم ??ڻي?? ان ڏس ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ آل پاڪ??تا?? نيوز پيپر سوسائٽي (اي پي اين ايس)، ڪائونسل آف پاڪ??تا?? نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) ۽ پاڪ??تا?? براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن سان اجلاس منعقد ڪيا ته ج??ئن ميڊيا نمائندن کي ان حوالي سان آگاهه ڪري سگهجي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي رهنما اصولن کي نظر ۾ رکندي اطلاعات واري وزارت سمورين اخبارن ۽ رسالن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي اخبارن ۽ رسالن ۾ مقدس صحيفن ۽ مقدس مواد جي تحفظ ۽ احترام کي يقيني بڻائين.