ڪراچي – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ سيڪٽر ۽ رياستي ادارن تي خصوصي ماڻهن کي فعال شهري بڻائڻ جي ??اءِ قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري کي وڌيڪ جامع بڻائڻ جي سلسلي ۾ خصوصي ماڻهن جي ??اءِ روزگار، سهولتن ۽ قبوليت وڌائڻ جي ??اءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي خودمختياري جي شعبن ۾ سٺي ڪارڪردگي رکندڙ بئنڪن جي حوصلا افزائي جي ??اءِ ساليانو انعامي طريقيڪار جوڙڻ گهرجي. صدر اهي ڳالهيون گورنر هائوس ڪراچي ۾ بئنڪن، اسٽيٽ بئنڪ آف ??اڪستان، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي، ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن جي ??مائندن سان عورتن کي بااختي??ر بڻائڻ ۽ مختلف صلاحيتون رکندڙ ماڻهن جي شموليت بابت اجلاس دوران چيون. صدر چيو ته ڪاروباري ادارن کي رڳو پنهنجي ??نافعي کي وڌائڻ تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي ??ر معاشري جي ??ٺتي پيل طبقن خاص طور تي معذور ماڻهن جي ??دد جي ??اءِ پنهنجون ذميواريون پڻ ادا ڪرڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته بئنڪنگ انڊسٽري کي پنهنجي ڪارپوريٽ سماجي ذميواري جي ??روگرامن جي ذريعي معاشري ۾ شموليت ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ اين جي اوز يا نجي تنظيمن سان حصيداري کي فروغ ڏيڻ گهرجي. صدر ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي مدد فراهم ڪرڻ جي ??اءِ هر بئنڪ ۾ خصوصي فوڪل پرسنز جون خدمتون حاصل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته سمورن سرڪاري ۽ نجي ادارن، سول سوسائٽي، چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري، بئنڪن وغيره کي مختلف معذور ماڻهن جي ??اءِ قبوليت ۽ روزگار کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن عورتن کي بااختي??ر بڻائڻ جي اشارن کي بهتر بڻائڻ ۽ خصوصي ماڻهن جي ??سئلن کي حل ڪرڻ ۾ بئنڪنگ جي ڪردار کي ساراهيو. صدر عورتن کي بااختي??ر بڻائڻ ۽ خصوصي ماڻهن جي ??الي شموليت بابت مسئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ قدمن تي زور ڏنو. صدر معذور ماڻهن جي حوالي سان وڏي پئماني تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 24 سيڪڙو آبادي ڪنهن ڪنهن قسم جي ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي، پي ٽي اي کي موبائيل سروس جي ??يغامن جي ذريعي ذهني صحت سان لاڳاپيل مسئلن بابت وڏي پئماني تي آگاهي پيدا ڪرڻ جي ??اءِ پڻ چيو ويندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي خاتون اول بيگم ثمينه علوي خصوصي ماڻهن جي ??اءِ پاڻڀرائپ کي فروغ ڏيڻ ۽ ملازمت جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته انهن کي مناسب تربيت جي ذريعي هنرمند ۽ پاڻڀرو بڻائي سگهجي ??و. هن مختلف معذور ماڻهن جي خاص طور تي شاپنگ سينٽرز، بئنڪنگ، ريسٽورانٽس، تعليمي ادارن ۽ اسپتالن تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.