اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) عالمي جوهري توانائي ايجنسي (آئي اي اي اي) جو ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي 15 کان 16 فيبروري تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري ??ور??ن هو پ??ڏيهي سيڪريٽري سان ملاقات ڪندو ۽ صحت، زراعت، ??نع?? ۽ بجلي جي پيداوار جي شعب?? ۾ ??وهري ٽيڪنالاجي جي مختلف ادارن جا ??ور?? ڪندو. ترجمان چيو ته هي دورو پ??ڪستان ۽ آءِ اي اي اي کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جا رستا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪندو.