اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي لاءِ داخل درخواست کي کيسا ڀريندڙ گروهه جي جيل ڀريو تحريڪ جي پهر??ن قسط قرار ڏئي ڇڏيو. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان جي اسلام آباد جي ??دا??تن ۾ حاضري ??ان ڇوٽ جون درخواستون رد ٿيڻ کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست داخ?? ڪرڻ تي اهو تبصرو ڪيو. واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست داخ?? ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ عمران خان چيو ته اڳوڻو وزيراعظم ۽ ملڪ جي هڪ وڏي سياسي پارٽي جو سربراهه آهيان، زخمي هجڻ جي ڪري ??دا??ت ۾ پيش نه ٿي سگهيس.