ڪراچي – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مش?? امن 23 جي پڄاڻي واري تقريب اتر بحيره عرب ۾ منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف تقريب جو خاص مهمان هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا موجب تع??يم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، دفاع وارو سيڪريٽري، سنڌ جو گورنر ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ تقريب ۾ شريڪ هئا. مش?? امن 23 جي پڄاڻي واري تقريب ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ۽ سر??سز چيفس پڻ شرڪت ڪئي. بحيره عرب ۾ موجود پاڪ بحريه جي جهاز تي اچڻ تي اميرالبحر وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم کي امن مش??ن جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب مش?? ۾ شريڪ ملڪن جي سامونڊي ۽ هوائي جهازن خاص مهمان کي سلامي پيش ڪئي. اٺين گهڻ گهڻ ملڪي ميري ٽائين مش?? امن 23 6 ڏينهن تائين جاري رهي جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن شرڪت ڪئي.