اسلام آباد – 03 – في??رو??ي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته دهشتگردي خلاف رياست ذرو برابر به برداشت جو مظاهرو نه ڪندي ۽ ڪنهن به صورت ۾ دهشتگردي کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏنو ويندو، ملڪي مفادن ۾ اسان سڀني کي گڏجڻو پوندو، 7 في??رو??ي تي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ عمران خان کي به دعوت ڏني آهي. وزيراعظم پنهنجي مختلف ٽوئيٽس ۾ ??يو ته ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سول ۽ ملٽري قيادت پاڪستان جي عوام ??ي جان ۽ مال جي هر قيمت تي تحفظ جو وچن ورجايو آهي. هن ??يو ته جيڪي به معصوم ماڻهن تي حملا ڪن ٿا انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ ڪنهن به صورت ۾ دهشتگردي کي ٻيهر ڪَر کڻڻ نه ڏنو ويندو. هن ??يو ته گڏجاڻي ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته وفاق ۽ صوبا هڪ ئي پاليسي اختيار ڪندا. جڏهن ته نيسنل ايڪشن پلان تي به غور ويچار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته جاچ فرانزڪ ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي سگهارو بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن ??يو ته ميڊيا مذهبي عالم ۽ سياسي اڳواڻ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ماڻهن ۾ عوامي راءِ جوڙين. هن ??يو ته دهشتگردي جي خلاف رياست ذرو برابر به برداشت جو مظاهرو نه ڪندي. جڏهن ته گڏجاڻي ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ اداراتي مڪينزم ٺ??هيو ويندو. جڏهن ته وزيراعظم ان کانسواءِ ??يو ته مون ملڪي مفادن جي لاءِ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو سو??يو آهي ان جي لاءِ 7 في??رو??ي تي اسلام آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي آهي جنهن ۾ مون عمران خان کي پڻ دعوت ڏني آهي ڇو ته ملڪي مفادن جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو ۽ پنهنجا ذاتي اختلاف وسارڻا پوندا.