اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فارن ايجنٽ ڪوڙو، مظلوم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ، هڪ لک نوڪريون، 50 لک گهر ڏيڻ جي ڀڀڪين جو ڇا ٿيو؟ معيشت کي باهه لڳائي، مهانگائي جي تباهي ڦهلائي ۽ اڄ معيشت جي ڳالهه ڪندي ڪجهه ته شرم اچڻ گهرجي، خ??ف توهانکي پنهنجي ڏوهن کان ??ي رهيو آهي، خ??ف ان وقت ٿيڻ گهرجي ها جڏهن قومي خزاني تي توهان ڌاڙو هڻي رهيا هئا، خ??ف ان وقت اچڻ گهرجي ها جڏهن توشه خانه ۽ سرڪاري عهدن جي لوٽ سيل لڳل هئي. عمران خان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ اطلاعات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته خوف ان وقت اچڻ گهرجي ها جڏهن بشريٰ ۽ فرح پنجاب ۽ ملڪ جو هر عهدو رشوت وٺي وڪرو ڪري رهيون هيون، توهان کي شوڪت خانم اسپتال جي 30 لک ڊالر نجي ڪاروبار ۾ لڳائيندي خوف نه آيو، اهو ٻڌايو 2018ع ۾ ڊالر ڪيتري جو هو؟ اٽو کنڊ ج?? قيمت ڇا هئي؟ پيٽرول ۽ في يونٽ بجلي جي قيمت ڇا هئي؟ هن چيو ته فارن ايجنٽ پاڻ گهر ۾ لڪي و??ٺل آهي ۽ عوام کي چوي ٿو ته گهرن مان نڪرو، فارن ايجنٽ کي خبر آهي ته گهر مان نڪتو ته ڪوڙ ڳالهائڻ جي ”آزادي“ ختم ٿي و??ندي. هن چيو ته فارن ايجنٽ جو هر ڪوڙ بي نقاب ٿي چڪو آهي، معيشت جي قاتل ۽ عوام جي ڏوهاري کي گهر مان ڪڍي جيل موڪلڻ جو وقت اچي و??و آهي.