صحبت پ??ر – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صحبت پ??ر ۾ ٻوڏ متاثرين ۽ نمائندن کي خطاب ۾ دانش اسڪول رحيم يار خان جي شاگردياڻي جو داستان ٻڌائيندي آبديده ٿي ويو هڪ ڏينهن جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم بلوچستان ۾ 12 دانش اسڪول قا??م ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته پنجاب ۾ 2008ع ۾ جڏهن دانش اسڪول قا??م ڪيا ته رحيم يار خان ۾ قا??م دانش اسڪول جي دوري جي موقعي تي هڪ ٻارڙي جنهن جو نالو عائشه هو، سان ملاقات ٿي جنهن ٻڌايو ته سندس والده ۽ والد ٻئي فوت ٿي چڪا آهن، اهي چار ڀائر ڀينر آهن، هن جو خواب هو ته ه?? ڊاڪٽر بڻجندي جڏهن ته ان وٽ تعليم جي لاءِ ڪي وسيلا نه هئا، هاڻي اها هتي جديد سهولتن سان ليس اسڪول ۾ تعليم پرائي رهي آهي ته هو روزانو رات جو پنهنجي والد سان تصور ۾ ڳالهيون ڪندي آهي ته هاڻي ه?? ڊاڪٽر بڻجي ان جي خواهش کي پورو ڪندي. وزيراعظم ان موقعي تي آبديده ٿي ويو.