اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ۽ وفاقي حڪومت پاران جوڙيل ٻوڏ رليف ما??يٽرنگ ڪميٽي جي ميمبر آغا حسن بلوچ چيو آهي، ??ه وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي واريون ڪوششون، وزيراعظم پاران بلوچستان جو باقا??ده دورو ۽ ما??ي سهڪار تعريف جوڳا قدم آهن. جڏهن ته ملڪ جي سڀ کا?? وڏي صوبي ۾ جتي برساتن ۽ ٻوڏ سبب 45 سيڪڙو فصل، اناج ۽ 30 سيڪڙو باغن کي نقصان پهتو آهي، ??وڊ، بنيادي ڍانچي ۽ ٻين ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي، ??نهن لاءِ فوري طور تي ما??ي امداد جي ضرورت آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير ۽ فلڊ رليف ما??يٽرنگ ڪميٽي جي ميمبر آغا حسن بلوچ چيو آهي ته بلوچستان ۾ ٿڌ جي موسم شروع ٿيڻ واري آهي، ??يڪا متاثرن جي ڏکيائين ۾ وڌيڪ اضافو ڪندي، چوپائي ما?? جي وڏي تعداد ۾ مرڻ سبب زنده جانورن ۾ وبا پکڙجڻ جو خدشو وڌي چڪو آهي. هن چيو ته جهل مگسي، لسٻيله، خاران، قلعه سيف الله ۽ پشين ضلعا سڀ کا?? وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم بجلي جي بلن جي مد ۾ رليف جو ٻن مهينن جو اعلان ڪيو هو، متاثرن جي نقصان کي نظر ۾ رکندي ان سهولت کي هڪ سال لاءِ وڌايو ويو آهي.