اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته سوشل ميڊيا جي ذريعي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي، سوشل ميڊيا جون بااثر شخصيتون ڪينسر جي وقت سر تشخيص جي لاءِ باقاعدگي سان ??سم??ني معائنو ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم جي حوالي سان سوشل ميڊيا جي بااثر شخصيتن سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چي?? ته سوشل ميڊيا آگاهي پيدا ڪري بريسٽ ڪينسر جي ڪري موت جي شرح گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، ڇاتيءَ جي ڪينسر جي شروعاتي مرحلي ۾ تشخيص سان 99 سيڪڙو مريضن کي بچائي سگهجي ٿو. هن چي?? ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جا واقعا ٻين خطن جي ڀيٽ ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن، پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي سمورن مريضن کي ڪلينڪل اسڪرين??گ جي سهولت فراهم ڪرڻ جا وسيلا نه آهن. هن چي?? ته عورتون باقاعدگي سان پنهنجو ??سم??ني معائنو ڪن، سيني يا ان جي ڀرپاسي ۾ گلٽي جي صورت ۾ فوري طور تي ڊاڪٽر سان رجوع ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته صحتمند طرز زندگي اختيار ڪري بريسٽ ڪينسر جي واقعن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، بريسٽ ڪينسر کان بچڻ جي لاءِ ڀاڄين ۽ ميون سميت متوازن غذا جو استعمال ڪرڻ گهرجي، سگريٽ يا شراب نوشي ۽ ٻي منشيات کان پرهيز ڪن، باقاعدگي سان ورزش ڪن. صدر چي?? ته عورتن کي مالي ۽ اقتصادي لحاظ کان بااختيار بڻائڻ، معاشري ۽ عوامي جاين کي محفوظ بڻائڻ جي ضرورت آهي، هراسگي کان پاڪ ماحول عورتن کي ملڪي سماجي اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چي?? ته سوشل ميڊيا جون بااثر شخصيتون ننڍن شهرن ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي ڦهلائڻ جي لاءِ تخليقي ذريعا استعمال ڪن، اسلامي تعليم موجب عورتون پنهنجي ٻارن کي گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن تائين کير پيارين، صحت جي عالمي اداري موجب شروعاتي 6 مهينن دوران ٻارن کي پاڻي يا ٻي خوراڪ تائين نه ڏيڻ گهرجي. هن چي?? ته ذهني ۽ ??سم??ني ڪمزوري کان بچاءُ جي لاءِ پهرين هزار ڏينهن دوران ماءُ ۽ ٻار جي لاءِ مناسب غذائيت ضروري آهي، پاڪستان ۾ ٻارن ۾ ذهني ۽ ??سم??ني ڪمزوري جو تناسب اٽڪل 40 سيڪڙو آهي. صدر چي?? ته سوشل ميڊيا بيگم ثمينه علوي جي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ڪوششن جو ساٿ ڏي، بيگم ثمينه علوي جي ڪوششن سان شروعاتي مرحلن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪيسز جي رپورٽ??گ جي شرح ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جلد تشخيص سان صحت جي نظام تي بار گهٽ پوندو، مهانگي علاج کان بچڻ ۾ مدد ملندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي پڻ سوشل ميڊيا جي بااثر شخصيتن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چي?? ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي واقعن تي ضابطو آڻڻ ۽ گهٽ ڪرڻ جو واحد طريقو جلد تشخيص آهي، ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ۾ حصيدار بڻجڻ جي لاءِ وزيراعظم، ايم اين ايز، ايم پي ايز، ميڊيا ۽ سڄي ملڪ جي چي??برز آف ڪامرس کي خط لکيا آهن. هن چي?? ته ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي.