اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 15 ۽ 16 سيپٽمبر تي ثمرقند، ازبڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن ۽ مبصر ملڪن جي سربراهن کا??سواءِ ايس سي او جي مختلف تنظيمن جا سربراهه ۽ ٻين خاص مهمان شرڪت ڪندا. ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ شنگهائي تعاون تنظيم جو سڀ کا?? اعليٰ فورم آهي جيڪو تنظيم جي حڪمت عملي، امڪانن ۽ ترجيحن تي غور ۽ وضاحت ڪري ٿو. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي، خوراڪ ۽ توانائي جي حفاظت ۽ پائيدار سپلائي چين سان گڏوگڏ اهم عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي غور ڪيو ويندو جڏهن ته اهڙن معاهدن ۽ دستاويزن جي پڻ منظوري ڏني ويندي جيڪي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مستقبل جي رخ جو تعين ڪندا. وزي??اع??م محمد شهباز شريف سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کا??سواءِ اجلاس جي موقعي تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ٻين شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. 2001ع ۾ قائم ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۾ پکڙيل هڪ وڏي علائقائي تنظيم آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جا ميمبر ملڪ مجموعي طور تي دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي ۽ عالمي اقتصادي پيداوار جو چوٿون حصو آهن. شنگهائي تعاون تنظيم جو امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ انفراسٽرڪچر، اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي شعبن ۾ بهتر رابطن جي ڳولا ??ي ايجنڊا خطي ۾ اقتصادي رابطن سان گڏوگڏ امن ۽ استحڪام کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پنهنجي ويزن سان هم آهنگ آهي. پاڪستان 2017ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجڻ کا??پوءِ کا?? ايس سي او جي مختلف ميڪانزم ۾ پنهنجي شرڪت ذريعي تنظيم جي بنيادي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.