اوسته محمد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس ڇنڇر ڏينهن جعفرآباد ضلعي جي ٻوڏ سبب بري طرح متاثر علائقي او??ته محمد جو دورو ڪيو. بلوچستان جي چيف سيڪريٽري وزير??عظ?? شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي چوماسي جي تازين برساتن ۽ ٻوڏ، ٻوڏ ??ان??وءِ سموري صوبي ۾ امداد ۽ بحالي جي ڪوششن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزير??عظ?? شهباز شريف ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته بلوچستان ايراضي جي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڏورانهن علائقن تائين پهچڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، هن ٻڌايو ته ٻوڏ سبب بنيادي ڍانچي، رستن ۽ رابطي جي پلن کي شديد نقصان پهتو آهي، وزير??عظ?? چيو ته ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آهي، وفا??ي حڪومت رليف جي سرگرمين ۾ صوبائي حڪومت سان سهڪار ڪري رهي آهي تنهن هوندي به ايتري وڏي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. وزير??عظ?? چيو ته بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالا مال صوبو آهي ۽ سندس حڪومت بلوچستان جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي ڪوششن لاءِ صوبائي حڪومت پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن ٻوڏ متاثر ماڻهن جي امداد لاءِ عالمي برادري کان امداد جي اپيل ڪئي، ان کان اڳ او??ته محمد پهچڻ تي بلوچستان جي وقتي گورنر ۽ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو وزير??عظ?? ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو استقبال ڪيو. اي پي پي/ر – م/س – و 15:43