اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپخونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصانن جو جائزو وٺڻ ۽ ٻوڏ متاثرين سان ملاقات جي لاءِ اڄ نوشهره روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نوشهره ۾ وزيراعظم ک?? ٻوڏ جي صورتحال ۽ جاري ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين تي تفصيلي بريفنگ ??ني ويندي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين سان ملاقات ڪندو ۽ انهن ۾ امدادي چيڪ ورهائيندو.