اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019?? تي عالمي سطح تي مڃيل ڪشمير جي تڪراري حيثيت ک?? تبديل ڪرڻ ۽ پنهنجي غيرقانوني قبضي هٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ک?? تبديل ڪرڻ جي لاءِ غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ٽي سالن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائين اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آباديات?? تبديلين کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪڌن منصوبن تي مسلسل عمل ڪري رهيو آهي. پرڏيهي و??ير چيو ته ڀارت اهڙا جابراڻا قدم کڻي رهيو آهي جنهن تحت والاريل ڪشمير ۾ مسلمان اڪثريت ج?? قيمت تي هندو اڪثريتي تڪ ٺاهيا ويا، غيرڪشميرين کي لکين جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا ۽ زمين ۽ ملڪيت بابت قانونن ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته اهي قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردان ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي ۽ اها ڪشميرين جي جدا سُڃاڻپ کي ختم ڪرڻ جي ڀارتي ڪوشش کانسواءِ ڪجهه نه آهي. پرڏيهي و??ير چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 9 لک ڀارتي فوجين جي موجودگي ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي عسڪري زون ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عدالت کان مٿانهين قتل، نظربندين، حقيقي ڪشمير?? قيادت ک?? قيد ۽ هراسان ڪرڻ سميت انساني حقن جي ٻين سنگين خلاف ورزين ذريعي ڪشميرين جي انساني مصيبتن کي بهتر طريقي سان دستاويزي شڪل ڏني وئي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي مذمت ڪئي وئي آهي. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين 650 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن، هلندڙ سال 130 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ڪيا ويا آهن.