اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفا??ي محتسب جي فيصلي جي خلاف پاڪستان پوسٽ آفيس جي درخواست رد ڪندي سروس رهتن مان ضابطي جي خلاف ڪٽيل 5 لک رپين جي پينشن جي رقم رٽائرڊ ??لا??م کي واپس ڪرڻ جي هد??يت ڪئي آهي. ايوان صدر ج?? پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪستان پوسٽ آفيس کي سروس رهتن مان ضابطي جي خلاف ڪاٽيل 5 لک رپين کان وڌيڪ جي پينشن جي رقم مارچ 2020ع تي رٽائرڊ ٿيندڙ ??لا??م کي واپس ڪرڻ جي هد??يت ڪئي آهي ۽ ان کي اداري پاران بي ضابطي قرار ڏنو آهي. صدر وفا??ي محتسب جي فيصلي جي خلاف پاڪستان پوسٽ آفيس جي درخواست رد ڪري ڇڏي جنهن ۾ وفا??ي محتسب پاڪستان پوسٽ کي شڪايت ڪندڙ کي 45 ڏينهن ۾ ڪاٽيل پينشن بقايا ادا ڪرڻ جي هد??يت ڪئي هئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پينشنر جي محنت سان ڪمايل آمدني آئين جي آرٽيڪل 9 تحت ان جو بنيادي حق آهي، قانون کان مٿانهون پينشنر کي رقم جي هڪ حصي کان به محروم نه ٿو رکي سگهجي، پينشن ايڪٽ 1871ع تحت پينشن کي ضبط يا قرق نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان پوسٽ شڪايت ڪندڙ جي پينشن رهتن مان 5 لک 2 هزار 272 رپين جي رقم بنا جواز وصول ڪئي. تفصيل موجب شڪايت ڪندڙ وفا??ي محتسب ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستان پوسٽ آفيس جي سروس رهتن مان غيرمنصفاڻي طور تي 5 لک 2 هزار 272 رپين جي ڪٽوتي ڪئي آهي. وفا??ي محتسب اپريل 2021ع ۾ ڏنل فيصلي ۾ پاڪستان پوسٽ کي شڪايت ڪندڙ کي 45 ڏينهن ۾ ريليف فراهم ڪرڻ جي هد??يت ڪئي هئي. پاڪستان پوسٽ فيصلي تي عملدرآمد بدران صدر وٽ محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ وفا??ي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو، حڪم جي 30 ڏينهن منافعي جي شرح سان رقم واپس ڪرڻ جي پڻ هد??يت ڪئي.