اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ايف آءِ اي جي سپريم ڪو??ٽ ۾ داخل درخواست جو سختي سان ??وٽيس وٺندي چيو آهي ڄاڻايل پٽيشن فوري طور تي واپس ورتي وڃي ٿي جيڪا حڪومتي پاليسي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي اصول جي خلاف آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم ۽ مون کي ڪجهه دير اڳ خبر پئي ته ايف آءِ اي پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪو??ٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته جيئن ايڪٽ جي سيڪشن 20 کي بحال ڪيو وڃي. مريم اورنگزيب چيو ته ڄاڻايل پٽيشن حڪومت جي پاليسي ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي اصول جي خلاف آهي، تنهن ڪري ان کي واپس ورتو وڃي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم درخواست داخل ٿ??ڻ جو سختي سان ??وٽيس ورتو آهي، بدقسمتي سان درخواست داخل ٿ??ڻ جي خبر اسان تائين پهچڻ ۾ ٿوري دير ٿي ڇو ته اسان ??نپهرن جي وقت بشام ۾ هئاسين جتي ڪي موبائيل سنگل نه هئا.