اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي فرمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهز??ده محمد بن سلمان کي عيد جي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽر تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ سعودي عرب جي ٽي ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران پاڪستاني وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي سعودي ولي عهد جا ٿورا پڻ مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سلطنت سعودي عرب گهرن رابطن ۽ تعاون جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آئون ولي عهد شهز??ده محمد بن سلمان پاران شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي جي لاءِ ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. وزيراعظم هڪ ٽوئيٽ ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان، ولي عهد شهز??ده محمد بن سلمان ۽ سلطنت سعودي عرب جي عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته گڏيل ??رب امارات جي هڪ اعليٰ اختياراتي اقتصادي ٽيم جي آجيان ڪريون ٿا. اها ماهر اقتصادي ٽيم گڏيل ??رب امارات جي دوري دوران ولي عهد شهز??ده محمد بن زيد سان ملاقات جي فالو اپ طو?? پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي جنهن ۾ اسان ٻط??في اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي جامع طو?? تي فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو.