اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان چيني ناظم الامور پينگ چنڪسو پرڏيهي وزار?? ۾ ??لاقات ڪئي. مملڪتي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان چين سا?? پنهنجي لازوال اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان جي بنيادي مسئلن ۽ ترقي جي ڏس ۾ چين جي پراڻي حمايت کي ساراهيون ٿا. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان بي آر آئي جي اهم منصوبي سي پيڪ جي رفتار ۾ تيزي آڻڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت خص??صي اقتصادي زونز ۾ وڌندڙ چيني سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا.