اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر اقبال محمد علي خان جي لاڏاڻي تي سندس پٽ سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب مرحوم جي پٽ عماد محمد علي سان ??ون تي ڳالهائيندي وزيراعظم اقبال محمد علي جي ??دمتن کي خراج عقي??ت پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اقبال محمد علي هڪ شريف النفس، پڙهيل لکيل ۽ عوام دوست شخص هو، ملڪ ۽ قوم ۽ جمهوريت جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان توهان سان برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردو?? ۾ ??عليٰ مقام عطا فرمائي.