اسل??م آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولان?? فضل الرحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس اچڻ تي مولان?? فضل الرحمان جي شاندار آجيان ڪئي. مولان?? فضل الرحمان شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته توهان جي قيادت ۾ گڏيل دانش ۽ ڪوشش ملڪ ۽ قوم کي مشڪل مان ڪڍيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف مولان?? فضل الرحمان کي خراج تحسين پيش ڪيو. مولان?? فضل الرحمان وزيراعظم شهباز شريف جي عوامي خدمت ۽ مسئلن جي حل جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته توهان ايندي ئي قوم کي ڏيکاري ڇڏيو آهي ته ان جو خادم ڪيئن ڪم ڪندو آهي. هن وزيراعظم کي يقيني ڏياريو ته ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ اسان جو ڀرپور تعاون ۽ مدد توهان سان گڏ آهي ۽ رهندي. ٻنهي اڳواڻ?? اهم سياسي معاملن ۽ ڪابينا جي جوڙجڪ با??ت معاملن تي مشاورت پڻ ڪئي.