اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف چيو آهي ته اسان ڪنهن کان بدلو نه وٺنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو، وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي ا??تمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ قومي ا??يمبلي ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته آئون سڀني ساٿين جو ٿورائتو آهيان، انهن جي ڪوششن ۽ ٻ??ي سان هڪ نئون سج اڀرڻ وارو آهي، نئون ڏينهن اچڻ وارو آهي، عوام جون دعائون الله ٻڌي ورتيون. هن چيو ته گڏيل مخالف ڌر جي ڏاهن کي سلام پيش ڪ??يا?? ٿو، جن اتحاد، يڪجهتي، نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪيو. شهباز شريف چيو ته اسان ڪنهن کان بدلو نه وٺنداسين، ڪنهن سان ناانصافي نه ڪنداسين ۽ نه ئي ڪنهن کي جيلن ۾ وجهنداسين نه ڪنهن سان ناانصافي ڪنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو. ميان شهباز شريف چيو ته آئون آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان سميت سڀني ساٿين جو ٿورائتو آهيان جن بي ا??تمادي رٿ ڪامياب ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون.