مظفرآباد – 31 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? روايتي علاج جي طريقي بدران احتياطي طبي علاج جي فروغ لاءِ ملڪ ۾ ڊاڪٽرن جي قابل قدر انساني وسيلن مان فائدو کڻڻ لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن مظفر آباد ميڊيڪل ڪاليج جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽرز ۽ هيلٿ پروفيشنلز صحت جي ڪيترن ئي نظرانداز شعبن ۾ مسئلن جي حل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، جتي آگاهي جي ذريعي واضح فرق پيدا ڪري سگهجي ٿو، صدر وڌندڙ آبادي، عورتن ۾ خوراڪ جي گهٽتائي، ٻارن ۾ واڌ ويجهه جي گهٽتائي جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ احتياطي تدبيرن بابت ڊاڪترن جي رهنمائي لاءِ موثر پاليسي تي زور ڏنو، هن ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ملڪ جي 10 سيڪڙو آبادي هيپاٽائيٽس جو شڪار آهي جنهن تي تقريبن 3 ارب ڊالر خرچ ايندو آهي، هن چ??و ته عورت ڊاڪٽرن کي پنهنجو پروفيشن جاري رکڻ لاءِ انهن جي صرف حوصلا افزائي ڪافي نه آهي، پر عملي حڪمت عملي جي جوڙجڪ وقت جي ضرورت آهي، هن آن لائين طريقن سان طبي مشاورت ۽ ٽيلي ميڊيسن جي نقطه نظر جي فروغ جي تجويز ڏني ته جيئن عورت ڊاڪٽرز پنهنجي پروفيشن ۾ ڪم جاري رکي سگهن جيڪي پنهنجي گهريلو ذميداريون پوريون ڪرڻ لاءِ ملازمتون ڇڏي ڏينديون آهن، هن چ??و ته ملڪ کي صحت جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ موجوده 2 لک نرسن جي مقابلي ۾ 9 لک نرسن جي ضرورت آهي، هن چ??و ته ميڊيڪل گريجوئيٽ ڊاڪٽر بڻجي انسانيت جي خدمت ۽ همدردي جي عمل ڪن. هن روايتي پيشيوراڻ?? تعليم سان گڏوگڏ نوجوانن جي سٺي ڪردارسازي جي اهميت تي زور ڏنو، هن چ??و ته ميڊيڪل گريجوئيٽس پنهنجي پروفيشن کي پنهنجو فرض سمجهي ڪري ادا ڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي انسانيت جي مدد ۾ معاونت ڪن، انسانيت جي سارسنڀال کانسواءِ ميڊيڪل جو شعبو نامڪمل آهي، صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هيلٿ سائنسز اينڊ ميڊيڪل يونيورسٽي جي قيام جي مطالبي جي حمايت ڪئي. هن چ??و ته پاڪستان سدائين ڪشميرين جي حمايت ڪئي ۽ دنيا کي ڪشميرين سان ڪيل واعدا مسلسل ياد ڏياريندو رهيو آهي، هن چ??و ته پاڪستان ۾ اسلام?? تعاون تنظيم جي تازي اجلاس دوران ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حالتن کي اجاگر ڪيو ويو، هن چ??و ته ڀارت ۾ مسلمان بنيادي انساني حقن کان محروم آهن. صدر جينوسڊ واچ جي هڪ رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته اقليتن کي شديد نفرت درپيش آهي، جڏهن ته ڀارتي حڪومت وادي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، صدر ڪامياب ٿيندڙ گريجوئيٽس، والدين ۽ استادن کي انهن جي ڀرپور محنت تي مبارڪباد پيش ڪئي، هن چ??و ته خانداني نظام پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي معاشري جي خوبصورتي آهي، جنهن سان ملڪ جا شهري پاڻ ۾ جڙيل آهن.