اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غير ملڪي سيڙپڪارن کي ملڪ جي آءِ سي ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان شعبي ۾ حڪومت پاران فراهم ڪيل مراعتن جي پيش نظر ترقي جي تمام گهڻي صلاحيت آهي، پ??ڪس??ان کي چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ لاءِ آءِ سي ٽي جي شعبي ۾ انساني وسيلن جي تربيت ۽ مهارت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر اهي ڳالهيون ايوان صدر ۾ پ??ڪس??اني ڄائي آمريڪين کي ??ءِ سي ٽي جي شعبي ۾ شامل ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيون. وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دئود، وزيراعظم جي سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور، اي ڪامرس بابت خاص مددگار سينيٽر عون عباس بپي، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، آمريڪا جي لاءِ نامزد سفير سردار مسعود خان، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، اسٽيٽ بئنڪ آف پ??ڪس??ان، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پ??ڪس??ان جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سيليڪون وي??ي ۾ مشهور پ??ڪس??اني ڪاروباري شخصيتن ۽ آمريڪا ۾ پ??ڪس??ان جي سفير ڊاڪٽر اسد مجيد خان وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي پ??ڪس??ان نيشنل سيمي ڪنڊڪٽر پلان (PNSP) جي ترقي تي اڳڀرائي جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته سيمي ڪنڊڪٽرز جي شعبي ۾ انساني وسيلن جي تربيت لاءِ قدم کنيا ويا آهن جنهن ۾ ترقي ۽ سيڙپڪاري جي وڏي گن??ائش ۽ امڪان آهن، شرڪت ڪندڙن کي ??ليڪٽرڪ گاڏين جون بيٽريون ٺاهڻ جا منصوبا، آئوٽ سورسڊ سيمي ڪنڊڪٽر اسيمبلي ٽيسٽ (OSAT) جي قيام ۽ لاڳاپيل صنعتن جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ??طاب ڪندي صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته آءِ ٽي جي صنعت تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ پ??ڪس??ان کي چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جي لاءِ آءِ سي ٽي جي شعبي ۾ پنهنجي انساني وسيلن جي تربيت ۽ مهارت جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن وي??چر ڪيپٽل ۽ پرائيويٽ ايڪويٽي فنڊز کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ اهڙا قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور به ڏنو جنهن سان ملڪ جي اقتصادي ترقي کي ??يز ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن لاڳاپيل حصيدارن تي زور ڏنو ته پ??ڪس??ان ۾ آءِ ٽي ڪمپنيون قائم ڪرڻ جا خواهشمند سيليڪون وي??ي آمريڪا جي پ??ڪس??اني ڄائي آءِ ٽي ماهرن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. صدر آمريڪا ۾ رهندڙ آءِ ٽي ماهرن کي ملڪ جي آءِ سي ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجي تعاون جي خاطري ڪرائي.