اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڦورو ٽولو ست رڇين جُون دعوتون اڏائي رهيو آهي، عمران خان جي ڪري انهن جون ملاقاتون ٿي رهيون آهن، ڪڏهن هڪ ٻئي کي گهلڻ جي ڳالهه ٿيندي رهي، انهن جي ڪهڙي گڏيل ايجنڊا آ??ي پاڪستان يا عوام جي مفاد لاءِ ان ۾ ڪجهه آهي؟ او آءِ سي جو اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اهڙي موقعي تي لانگ مارچ جون ڳالهيون ڪندڙ ٻڌائين ته انهن کي ذاتي سلامتي يا ملڪي سلامتي عزيز آهي، اسان کي لانگ مارچ احتجاج کان ڪو خوف نه آهي، ساڍا 7 ارب جو شهباز شريف جو نيب وٽ جڏهن ته 16 ارب جو ايف آءِ اي ۾ شهباز شريف جو ڪيس هلي رهيو آهي، پن??نج?? ساڍا ٽي سالا ڪارڪردگي عوام آڏو کڻي وڃي رهيا آ??يون، سي اي سي ??زيراعظم کي چين جي ڪامياب دوري تي مبارڪباد ڏني آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فرخ حبيب چ??و ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ سڀني صدرن پن??نج?? ڪارڪردگي جون رپورٽون پيش ڪيون آهن. هن چ??و ته پارٽي جي تنظيم سازي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پارٽي صدرن کي 15 ڏينهن جي ڊيڊ لائين ڏني وئي آهي. پارٽي جو مستقل پارلياماني بورڊ ٺاهيو ويو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پارليامينٽ جا ميمبر ۽ پارٽي ڪارڪنن جي خواهش آهي ته وزيراعظ?? عوام ۾ اچي حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ ترجيحون شيئر ڪري. هن چ??و ته پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن سياسي جدوجهد ۾ وڏا وڏا عوامي ميڙ ڪيا آ??ن. ضلعن جي سطح تي پارٽي ورڪرز ڪنوينشن ڪيا ويندا. وزيراعظم عمران خان وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و ته 9 فيبروري تي وزيراعظم فيصل آباد جو دورو ڪندو، جتي هو هيلٿ ڪارڊ جي شروعات ڪندو، جنهن سان ضرورتمند مريض پن??نج?? علاج ڪرائي سگهندا. هن چ??و ته صحت ڪارڊ جي ذريعي 10 لک رپين تائين مفت علاج ڪرايو ويندو، جنهن جو بار حڪومت برداشت ڪندي. پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم سڌوسنئون عوام کي فائدو پهچايو آهي. هن چ??و ته 31 مارچ تائين پنجاب جي 100 سيڪڙو آبادي صحت ڪارڊ مان فائدو کڻندي. پنجاب حڪومت 450 ارب ان منصوبي جي لاءِ رکيا آ??ن. سي اي سي ??زيراعظم کي چين جي ڪامياب دوري تي مبارڪباد ڏني آهي. هن چ??و ته جتي ملڪي سلامتي جي ڳالهه هجي ته بغض ۽ حسد نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي چوندا هئا ته سي ??يڪ منصوبو سست ٿي ويو آهي، انهن کي بري طرح ناڪامي ٿي آهي، هن دوري سان پاڪ چين لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا. سڌوسنئون سيڙپڪاري ايندي، سڌوسنئون فائدو پاڪستان جي عوام کي ٿيندو. فرخ حبيب چ??و ته ڪڏهن هڪ ٻئي کي گهلڻ جي ڳالهه ٿيندي هئي، اڄ اهي ملاقاتون ڪندا ۽ دعوائون اڏائيندا ڏسڻ اچڻ ٿا، انهن جي گڏيل ايجنڊا آ??ي، جنهن ۾ پاڪستان يا عوام جي مفاد لاءِ ڪجهه نه آهي. هن چ??و ته او آءِ سي جو اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اهڙي موقعي تي لانگ مارچ جون ڳالهيون ڪندڙ ٻڌائين ته پن??نج?? ذاتي سلامتي عزيز آهي يا ملڪي سلامتي عزيز آهي. اسان کي لانگ مارچ احتجاج جو ڪو خوف نه آهي. هن چ??و ته ساڍا 7 ارب جو شهباز شريف جو نيب وٽ جڏهن ته 16 ارب جو ايف آءِ اي ۾ شهباز جو ڪيس هلي رهيو آهي. هن چ??و ته لاهور پي ڊي ايم کان ٽائين ٽائين فش فش ٿي وئي هئي. پن??نج?? ساڍا 3 سالا ڪارڪردگي عوام آڏو کڻي وڃي رهيا آ??يون.