اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي علائقائي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽريز جو اجلاس ڪراچي ۾ منعقد ٿيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات دوران صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ ترقياتي ا??ڪي??ن بابت معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم اجلاس جي دوران ڳالهائيندي سنڌ حڪومت تي زور ڏنو ته هو وفاقي حڪومت جي سمورن سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ا??ڪي??ن سميت ڪامياب پاڪستان، احساس ڪارڊ، احساس راشن رعايت پروگرام، صحت ڪارڊ ۽ آبادگار ڪارڊ ۾ ڀرپور حصو وٺي. هن چيو ته رڳو سياسي سببن جي بنياد تي سنڌ صوبي جي عوام کي وفاقي حڪومت جي ترقياتي ا??ڪي??ن جي ثمرن کان محروم ??ٿو رکي سگهجي، وفاقي حڪومت جا سمورا منصوبا عوامي فلاح جي لاءِ آهن.