اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان نوجوا??ن جو ملڪ آهي ڇو ته اسان جي آبادي جو 68 سيڪڙو حصو 30 س??لن کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي، اسان نوجوا??ن جي ان وڏي انگ کي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ هڪ عظيم سرمائي ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون ته جيئن بهتر تعليم ۽ هنر جي ذريعي انهن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪري سگهجي، نوجوان ڪنهن به معاشري ۾ تبديلي جو اصل محرڪ هوندا آهن، اسان انهن جي توانائين کي پنهنجي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي تر??ي جي لاءِ هڪ مثبت رخ ۾ استعمال ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي. وزيراعظم عمران خان سان نوجوا??ن جي معاملن واري خاص معاون محمد عثمان ڊار ملاقات ڪئي. نوجوا??ن جي معاملن واري خاص معاون محمد عثمان ڊار وزيراعظم کي ڪامياب جوان پروگرام جي 2 سالا ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته يوٿ انٽر پرينيور اسڪيم (وائي اي ايس) تحت ٻه سال اڳ اسڪيم شروع ٿيڻ کان وٺي هيستائين 23 ارب رپيا ماليت جا 16617 رعايتي ڪاروباري قرض ورهايا ويا آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪامياب جوان اسڪل فار آل پروگرام تحت نوجوانن کي هيستائين 4.7 بلين رپين جي لاڳت سان 101447 اسڪل اسڪالرشپ سان نوازيو ويو آهي. وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ويو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوا??ن جي فائدي لاءِ وڌيڪ 5 قدم به جلد شروع ڪيا پيا وڃن. انهن قدمن ?? 106 يونيورسٽين ۾ ڪامياب جوان مرڪز قائم ڪرڻ، گرين يوٿ موومينٽ (جي وائي ايم) ڪامياب جوان انوويشن ليگ، ڪامياب جوان ٽيلينٽ هنٽ اسپورٽس ليگ ۽ ڪامياب جوان اسپورٽس اڪيڊميز ۽ اسپورٽس گالا شامل آهن. وزيراعظم نوجوا??ن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ موثر شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن انهن کي اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.