اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صنعتي شع??ي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ هنرمند افرادي قوت پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽين ۽ تربيتي ادارن طرفام مهارتن جي فراهمي سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ نمايان مدد ملندي. اه??ن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي (اين اي?? يو) اسلام آباد جي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، اين اي?? يو جي وائ??س چانسلر ڊاڪٽر محمد مختار ۽ مشاورتي ڪائونسل جي ميمبرن شرڪت ڪئي. وائ??س چانسلر اجلاس کي هنر تي ٻڌل ۽ فني تعليم ڏيڻ ۾ اين اي?? يو جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته مشاورتي ڪائونسل اين اي?? يو جي تعليمي پروگرامن کي معلومات فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي ته جيئن تربيت ۽ مهارت جا ڪورسز ۽ تعليمي پروگرام انڊسٽري جي گهرجن ۽ گڏيل ضرورتن کي ٺوس بڻائي سگهجي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر اين اي?? يو ۽ صنعتي شع??ي جي وچ ۾ رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اين اي?? يو ۽ صنعتي شع??ي جي وچ ۾ سهڪار ۽ حصيداري اهم آهي ڇو ته ان سان نوجوانن جي لاءِ مارڪيٽ ۾ مهارت ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ملڪ جي صنعتي شع??ي کي هنرمند افرادي قوت جي کوٽ درپيش آهي، هن اين اي?? يو ۽ ٻين فني تربيتي ادارن تي زور ڏنو ته اهي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب ملازمت جي قابل گريجوئيٽ پيدا ڪن. صدر وڌيڪ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته يونيورسٽي ??اران پيش ڪيل تعليمي ۽ ٻين تربيتي ۽ هنرمندي جي پروگرامن بابت ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي.