اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان پاڪستان تحريڪ انصاف جرمني جي صدر طارق جاويد ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دل??سپي جي معاملن، جرمني ۾ رهندڙ پر??يهي پاڪستانين جي مسئلن جي حل جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پر??يهي ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، انهن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ٻاهرين ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستانين عمران خان تي اعتماد ڪندي رڪارڊ پر??يهي ناڻو پاڪستان موڪليو آهي ۽ پر??يهي پاڪستاني روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ گهري دل??سپي وٺي رهيا آهن.