اسلام آب??د – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي اين آر او لاءِ بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، مافياز چاهي ٿي ته اها قانون کان مٿانهين رهي، آب??دگارن وٽ ايترو پئسو اچي ويو آهي جو انهن وڏي تعداد ۾ ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل ورتا آهن ۽ ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽريڪٽر وڪرو ٿيڻ جو رڪارڊ گذريل سال قائم ٿيو آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ ۾ قانون جي بالادستي لاءِ قائم ٿي آهي، قانون جي سامهون سڀ براب?? آهن، مخالفن کي خوف آهي ته ڪٿي حڪومت ڪامياب نه ٿي وڃي، کين پنهنجو سياسي موت نظر اچي رهيو آهي ان لاءِ گوڙ ڪري رهيا آهن، صحت ڪارڊ تمام وڏو انقلاب آهي، هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪنداسين، صنعت ۽ زراعت کي 50 سالن کانپوءِ مٿي کڻي رهيا آهيون، آب??دگار ڪارڊ سان عام آب??دگارن جي ??ند??ي بدلجي ويندي، معاشري جي ڪمزور طبقن کي سڌو سنئون سبسڊيز ڏينداسين ۽ کين غربت مان ڪڍنداسين، اهڙا سڌارا متعارف ڪرائي رهيا آهيون ته سول ڪيسن جي فيصلا هڪ سال ۾ ٿين ۽ عام ماڻهن کي انصاف ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي نوڪنڊي ماشڪيل شاهراهه جي تعمير جي منصوبي جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد به ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ماضي ۾ ڪنهن حڪومت بلوچ??تا?? جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو، بلوچ??تا?? جي ترقي سان پاڪ??تا?? کي ثمر حاصل ٿيندا، بلوچ??تا?? ۾ بهتر مواصلاتي رابطن جي ضرورت آهي، پاڪ??تا?? جي فيڊريشن جي مضبوطي ان سان لاڳاپيل آهي، هن چيو ته بلوچ??تا?? جي عوام جي احساس محرومي ختم ڪئي ويندي، ان رستي جي تعمير سان بلوچ??تا?? ۽ پاڪ??تا?? کي فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت آئي ته پهريون سال مالياتي مشڪلاتن ۾ گذريو، ڪنهن به حڪومت کي ايترو وڏو مالياتي خسارو ۽ معاشي مسئلا ورثي ۾ ناهن مليا، معاشي صورتحال اهڙي هئي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جو خطرو هو ۽ جيڪڏهن ائين ٿي وڃي ها ته غير ملڪي بئنڪن سان اسان جا رابطا ختم ٿي وڃن ها، روپئي جو قدر وڌيڪ ڪِري وڃي ها ۽ وڏي مهانگائي ٿي وڃي ها. وزيراعظم چيو ته ان کانپوءِ ڪورونا جو بحران اچي ويو، ڪو به ملڪ ڪورونا جي صورتحال کي اهڙي طرح منهن نه ڏنو جهڙي طرح پاڪ??تا??، ڀارت ۾ صورتحال انتهائي خراب آهي، الله تعاليٰ جو شڪ?? آهي جو اسان وڏي مشڪل وقت مان گذري ويا آهيون ۽ جيڪڏهن اسان ايس او پيز تي عمل ڪيو ته صورتحال وڌيڪ بهتر ٿي ويندي. وزيراعظم چيو ته جيڪا مافياز اسان جي مخالف آهي انهن کي اهو ڊپ آهي ته ڪٿي اسان ڪامياب نه ٿي وڃون، ڪي پي ڪي ۾ اسان اتحادي حڪومت ۾ هئاسين، ڪي پي ڪي جي عوام ٻيو ڀيرو ڪڏهن ڪنهن کي اقتدار ناهي ڏنو پر اسان جي حڪومت نه رڳو ٻيهر اقتدار ۾ آئي پر خيبرپختونخوا جي عوام اسان کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏني جڏهن ته اسان جا مخالف سياسي پارٽين جو برو حال آهي، انهن کي اهو ڊپ آهي ته ڪٿي اسان پوري ملڪ ۾ ڪامياب نه ٿي وڃون ان لاءِ اهي گوڙ ڪري رهيا آهن ته حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي، حقيقت ۾ انهن کي پنهنجو سياسي موت نظر اچي رهيو آهي،