مڪه مڪرمه – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفد سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪئي ۽ بيت الله ۾ نفل ادا ڪيا. وزيراعظم جي لاءِ خانه ڪعبه جا دروازا خصوصي طور تي کوليا ويا جتي هن نفل ادا ڪرڻ کانسواءِ مسلم??ن امت سان گڏوگڏ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي. ان ک??ن اڳ ڇنڇر ڏينهن مسجد نبوي ۾ رهندي وزيراعظم کي خصوصي طور تي رسول ڪريم ??? جي روضي مبارڪ جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو جنهن کي الحجرت النبويات الشريفه به چيو وڃي ٿو. وزيراعظم رسول ڪريم ??? جي روضي مبارڪ تي هديه عقيدت پيش ڪيو. هن وفد سان گڏ هتي روزو افطار ڪيو، مغرب جي نماز ??دا ڪئي، نفل پڙهيا ۽ مسجد نبوي صه ۾ نماز ??دا ڪئي.