اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي جمهوري ۽ چونڊ عمل هاڻي وڌيڪ ڪنهن اهڙي نظام کي برداشت نه ??و ڪري سگهي جتي نظام تي سوال اٿاريا وڃن، م??ضي جي تجربي جي روشني ۾ چونڊ عمل کي هر ممڪن طريقي سان شفاف، محفوظ ۽ غيرجانبدار بڻائ?? جي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ جمهوريت جي مفاد ۾ آهي، اليڪٽرانڪ مشين کي جديد سيڪيورٽي فيچر سان ليس ڪر?? جي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن ۽ ترقي يافته ملڪن جي تجربي کي پڻ سامهون رکيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ با??ت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.