ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن سميت معاشري جي سمورن ڪمزور طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انهن کانسواءِ مجموعي ترقي جا مقصد حاصل نٿ?? ٿي سگهن، مسئلن جي حل جي حوالي سان بهتر منصوبابندي لاءِ درست انگ اکر هجڻ ضروري آهن، ان سلسلي ۾ احساس پروگرام تحت معذور ماڻهن جو سروي ڪيو ??يو ??ڃي، ڪمزور طبقن جو تحفظ ۽ ڀلائي موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پُرعزم ماڻهن جي حوالي سان ڪانفرنس ۽ ورچوئل نمائش ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته معاشري جي ڪمزور ۽ محروم طبقن جي حقن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي تحفظ لاء?? به قدم کنيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ ايوان ص??ر ۾ عورتن، خصوصي ماڻهن ۽ ٿيليسيميا جي مريضن سان مختلف وقتن ۾ ويهڪن جو اهتمام ڪيو ??يو. ان موقعي تي صدر عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن لاءِ مهم جي قيادت ڪرڻ تي بيگم ثمينه عارف علوي کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي بابت منصوبابندي لاءِ ضروري آهي ته انهن جي تعداد بابت درست انگ اکر موجود هجن، ان مقصد لاءِ احساس پروگرام تحت هڪ سروي ڪيو ??يو ??ڃي، هن چيوته وراثت ۾ عورت جو حق ڏيڻ احسان نه پر ذميداري آهي.