اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??ريب عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، عوام تي پوندڙ اڻ سڌي ٽيڪسن جي باري ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حو??لي سان حل تجويز ڪيا وڃن، ڪڻڪ تي ايندڙ انتظامي خرچن جي هر رخ جو تفصيلي جائزو ورتو وڃي ۽ اهڙو نظام جوڙيو وڃي ته ??رچن جي مد ۾ غير ضروري طور تي ايندڙ هر روپئي جي بچت ڪئي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار بنياد?? ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حو??لي سان حڪومتي معاشي ٽيم ??ي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ناڻي واري وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، نديم ??ابر، تابش گوهر ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بنياد?? ضروري شين جي قيمتن ۾ ممڪن حد تائين گهٽتائي آڻڻ لاءِ مختلف تجويز ڪيل قدمن تي غور ڪيو ويو. ناڻي واري وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ وزيراعظم کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ۽ ملڪ?? ضرورتن کي پورو ڪرڻ، سرڪاري سطح تي ڪڻڪ جي خريداري ۽ پهچ، اسٽوريج ۽ ٻين انتظامي خرچن ۾ واضح گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ مفصل پلان جوڙڻ تي ڪم جاري آهي، ان حو??لي سان تفصيلي پلان جلد وزيراعظم کي پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود وزيراعظم کي درآمد ٿيل گيهي، دالين ۽ ٻين جنسن تي ڊيوٽيز جي شرح ۽ موجوده حالتن ۾ حڪومت پاران ڏنل ڇوٽ تي تفصيلي بريفنگ ڏني. درآمد ٿيل گيهي وغيره تي ٽيڪسن جي حو??لي سان خطي جي ٻين ملڪن جو چٽاڀيٽي جائزو به پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾ پيٽروليم مصنوعات جي حو??لي سان اوگرا پاران پيش ڪيل سفارشن تي به غور ڪيو ويو، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ??ندس اولين ترجيح غريب عوام کي رليف فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي ته ??وام تي پوندڙ اڻ سڌي ٽيڪسن جي باري ۾ گهٽتائي جي حو??لي سان آئوٽ آف باڪس حل تجويز ڪيا وڃن ته ??يئن جتي غريب ماڻهو تي پوندڙ اڻ سڌي ٽيڪسن جي بار کي گهٽ ڪيو وڃي، اتي ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو وڃي ته ملڪ جي آمدني ۽ خرچن ۾ توازن برقرار رکيو وڃي ۽ ملڪ کي وڌيڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ وڃڻ کان بچائي سگهجي.