اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ اداره جاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين ??يو آهي ته ماضي جي حڪومتن اسٽل مل، پي آءِ اي، ريلوي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو ??اڪستان سميت ٻين رياستي ادارن کي ايمپلائمينٽ بيورو سمجهي سياسي ڀرتيون ڪيُون، جنهن جي ڪري ادارن جي فعاليت ۽ ڪارڪردگي بهتر نه ٿي سگهي، پهريون ڀيرو شفاف انداز سان 45 ادارن جي سربراهن جي مروجه قاعدن ۽ ضابطن موجب مقرريون ڪيون ويون آهن، ريلوي ۾ ريگوليٽري کي ڌ??ر ڪرڻ سان گڏوگڏ 5 ڪمپنيون ٺاهڻ، اسٽيل مل پرائيويٽ سيڪٽر کي ليز تي فراهم ڪرڻ ۽ پي آءِ اي جي اڌ ملازمن کي والنٽيئر هينڊشيڪ ڏئي گهرن ڀيڙو ڪيو ??يندو، ايف بي آر ۾ ٽيڪس پيئر جي معاملن ۽ ريفنڊ جي عمل کانپوءِ انڪم ٽيڪس معاملن کي به آٽوميشن تي آڻڻ جو منصوبو آهي، پهريون ڀيرو اعليٰ اختياراتي بورڊ پاران گريڊ 21، 22 جي ترقين جي عمل کي چئلينج ناهي ڪيو ??يو، نئون ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ وفاقي، صوبائي ۽ مقامي ادارن اين او سي، لائسنس ۽ سرٽيفڪيٽس جي پيچيده عمل کي آسانيون بڻايو ??يو ??ڃي ته جئين ??اروبار شروع ڪ??ڻ ۾ آسانين سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي سگهندا. هو پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.