اسلام آب??د – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊولپم??نٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس اسلام آب??د ۾ منعقد ٿيو، ايسوسئيشن آف بلڊرز ۽ ڊوليپرز (آباد) اجلاس کي آگاهه ڪيو ته سنڌ ۾ 74 منصوبن جي م??ظوري مل?? چڪي آهي جنهن جي ڪل لاڳت 28 ارب روپيا آهي، انهن منصوبن جي آغاز سان 55 ارب روپين جون لاڳاپيل معاشي سرگرميون شروع ٿينديون. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته سيپٽمبر 2019ع کان سيپٽمبر 2020ع جي عرصي ۾ سيم??نٽ جي وڪري ۾ 17 سيڪڙو ۽ اسٽيل جي وڪري ۾ 19 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو، آب??د تعميرات جي م??ظوري ??ي عمل کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان ڏس ۾ تجويزون به پيش ڪيون.