اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار ??اري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته حڪومت ملڪي صنعت جي سگهه ۾ اضافي جي لاءِ پاور رليف پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي، وزيراعظم جي هدايتن تحت انرجي پرائيسز ۾ گهٽتائي ذريعي واپاري لاڳت گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان سان گڏ صنعت بابت توانائي رليف پئڪيج بابت بريفنگ دوران هن چيو ته ملڪ مثبت رخ ۾ گامزن آهي ۽ سيمنٽ، آٽو موب??ئي??، ٽيڪسٽ??ئي??، ڀاڻ ۽ تعميراتي شع??ي کي وڌيڪ ترقي جي ضرورتآهي.