اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??المي برادري ڀارت جو والاريل ڪشمير جو گهيراءُ ختم ڪرائي، ڀ??رت?? فوج کي والاريل واديءَ مان ڪڍڻ، ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي پابندي جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڀارت سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڪشميرين جي جان ڇڏي، پاڪستان ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندو، ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سف??رت?? حمايت جاري رکنداسين، مون کي پڪو يقين آهي ته ڪشميرين جون قربانيون رنگ لائينديو??، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميرين جي آزادي جو سج اڀرندو، ڀارت سدائين ڳالهين کان انڪار ڪيو آهي، پاڪستان سدائين امن جي راهه اختيار ڪئي آهي جڏهن ته ڀ??رت?? جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان خصوصي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته ??ڄ اهم ڏينهن آهي، استحصال جو ڏهاڙو ملهائن جو مقصد ڪشمير جي حوالي سان اسان جي بيانيي کي عالمي دنيا تائين پهچائڻ آهي ۽ دنيا کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته ڪشمير تڪرار تي ??سان سڀ متحد آهيون. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي ??طرناڪ قدم کنيو، ڪشمير کي جيل خانو بڻايو ويو، ڪشميرين تي ??لم ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو. هن چيو ته ??ياستي ??هشتگردي جي ذريعي ڪشميرين تي ??نسانيت سوز ظلم ڪيا پيا وڃ??، اسان ڪشميري ڀائرن جي پرامن جدوجهد ۽ انهن تي ??لم کي هر فورم تي ??جاگر ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح اجاگر ڪندا رهنداسين. هن چيو ته ??لامه اقبال پنهنجي شاعري ذريعي ڪشميرين جي خراب حالت بيان ڪئي هئي جڏهن ته هاڻي ان ظلم ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي ويو آهي، ڪشميري مظلوم، محڪوم ۽ مجبور بڻجي رهجي ويا آهن.