اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته ڪرونا وائرس جي منفي اثرن کان ملڪي معيشت کي ممڪن حد تائين محفوظ رکڻ، معاشي سرگرمين جي بنا رڪاوٽ رواني کي يقيني بڻائڻ ۽ خاص طور تي عام ماڻهو جي لاءِ روزگار جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ اولين ترجيح آهي، ڪنهن به ممڪ?? صورتحال جي ڏس ۾ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جي حوالي ??ان ٺوس حڪمت عملي ??يار ڪئي وڃي ۽ ضرورت جي شين جي وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي، ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري جي شڪايت هرگز برداشت نه ڪئي ويندي ۽ شڪايت جي صورت ۾ ذخيره اندوزن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو. وزيراعظم اها هدايت ڪرونا وائرس جي ڪري ملڪي معيشت تي پوندڙ امڪاني اثرن کان بچڻ جي حوالي ??ان اڳواٽ حفاظتي قدم کڻڻ جي سلسلي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.