اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ ننڍي ڪاروبا?? لاءِ آسانيو?? فراهم ڪرڻ جي حوالي ??ان وڏو فيصلو ڪندي هدايت ڪئي آهي ته لائسنسنگ جو طريقيڪار آسان بڻائي خودڪار نظام متعارف ڪرايو وڃي، صوبائي حڪومتون 74 مختلف قسم جا لائسنسز فوري طور تي ختم ڪن ته جيئن عام ماڻهو آساني سان ننڍو ڪاروبار شروع ڪري سگهن. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ ننڍي ڪاروبار ۾ آسانيو?? فراهم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم وڏو فيصلو ڪندي مڪاني حڪومتن جي سطح تي مختلف ڪاروباري سرگرمين لاءِ گهربل ڏيڍ سئو جي لڳ ڀڳ مختلف ل??ئسنسز جي نظام کي ختم ڪرڻ ۽ ضروري لائسنسز جي طريقيڪار آسان بڻائڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي خودڪار نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.