اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ والاريل ڪشمير ۾ صورتحال جو جائزو وٺڻ ل??ءِ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ آرمي چيف جن??ل قمر جاويد باجوه، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف، ڊائريڪٽر جن??ل آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جن??ل فيض حميد، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ ٻين سينئر سول ۽ فوجي عملدارن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ صورتحال جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو.