اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف ع??وي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر سبب متاثر عورتن جي شرح ايشيا جي ٻين ملڪن کان وڌيڪ آهي جنهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ??ڪومت ۽ نجي شعبي کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ڇاتي جي ڪينسر سبب قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون آهن جنهن جي روڪٿام اسان سڀني جي ذميداري آهي، اها ڳالهه بيگم ثمينه عارف ع??وي اسلام آباد ويمن چيمبر جي اهتمام هيٺ ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي ??يم??نار کي خطاب ڪندي چئي، هن چيو ته حڪومت ان مرض جي جلد سڃاڻپ لاءِ ڪوشان آهي ته جيئن عورتن جي جان بچائي سگهجي ڇو ته ب??وقت مرض جو علم هجڻ سان مريض جي بچڻ جا امڪان 80 سيڪڙو تائين هوندا آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ ساليانو 90 هزار جي لڳ ڀڳ ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن جڏهن ته 40 کان 45 هزار موت ٿيندا آهن جنهن ۾ اڪثريت کي بچائي سگهجي ٿو جنهن لاءِ ??سان سڀني کي گڏجي پنهنجي ذميداري ادا ڪرڻي پوندي.